ترائي وارو تڪيو

ترائي وارو تڪيو

نئيگ شريف وارو تڪيو

نئيگ شريف وارو تڪيو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا تڪيا

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا تڪيا:
سڄيءَ سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا تڪيا قائم آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1)جمعي غنياڻيءَ وارو تڪيو: هي تڪيو جاتيءَ کان اتر ۾ ڇهن ميلن جي پنڌ تي آهي.
(2)بلڙيءَ وارو تڪيو: هي تڪيو درگاهه شاهه ڪريم بلڙيءَ جي اتر ۾ آهي.
(3)واگهين جي ڀٽ وارو تڪيو: هي تڪيو ڀٽ نارا ڪئنال جي ڀرسان آهي.
(4)لئي وارو تڪيو: هي تڪيو، ساڱري ڍوري، ضلعي بدين ۾ واقع آهي.
(5)دنبڙي ترائيءَ وارو تڪيو: هي تڪيو، دنبڙي ترائيءَ ڀرسان عزيز فقير جي ڀٽ ويجهو شاهه لطيف جي حويلي [جيڪا ونگي ۽ ولاسي جي سرحد تي آهي] ضلعي بدين ۾ آهي.
(6)ترائيءَ وارو تڪيو: ترائيءَ وارو تڪيو مدئجي، ضلعي شڪارپور ۾ آهي. هتي شاهه لطيف جي پنهنجي هٿن سان ٺهرايل مسجد کان سواءِ فقيرن جي رهائش لاءِ اوتارو ۽ اڱڻ ۾ پاڻيءَ جو کوهه به موجود آهي.
ترائيءَ وارو تڪيو
(7) نانگي وارو تڪيو/ اوتارو: هي تڪيو، ماتليءَ لڳ لاکاٽ ۾ آهي، جنهن کي ‘سانول فقير جو اوتارو’ به سڏيو وڃي ٿو.
(8) لڪڙيءَ وارو تڪيو: هي تڪيو، جوڻاهه، ضلعي بدين جي اوڀر ۾، ميين اسماعيل جي مسجد ڀرسان آهي. روايت آهي ته شاهه لطيف هتي چاليهو [چلو] ڪڍيو هو.
(9) نانگي شاهه جو تڪيو/ اوتارو: هي تڪيو زرگر محلي بدين ۾ آهي. شاهه لطيف جڏهن تلائيءَ جي لوءِ تان موٽندو هو، تڏهن هن جاءِ تي اچي رهندو هو. قاضيا واهه کان ميرواهه ڏانهن ويندڙ رستو لطيف جي اوتاري جي ڏکڻ وٽان لنگهي ٿو. انهي ڪري هن اوتاري/ تڪيي جي نسبت سان روڊ جو نالو به شاهه عبداللطيف ڀٽائي روڊ رکيو ويو آهي. هن اوتاري تي روايت آهي ته شاهه لطيف ايندو هو ۽ راڳ رنگ جون محفلون ڪندو هو. شاهه لطيف جي وفات کانپوءِ ڪجهه وقت شاهه لطيف جي فقيرن ان تڪيي کي سنڀاليو، پر پوءِ شاهه ڪريم جي فقيرن کي ان جي سنڀال ملي.
(10)گرو ڀڳت ميڪڻ جو تڪيو: بدين جي ڀرسان ڪاڇيل ڀٽ تي ڀڳت ميڪڻ داس، رات ڏينهن الک سان رهاڻ ۾ مگن هوندو هو. بُت تي ڀڀوت مليل هوندو هئس. شاهه لطيف جو والد شاهه حبيب هن جوڳيءَ کان واقف هو، ان ڪري جڏهن شاهه لطيف ديني تعليم مڪمل ڪئي، ته کيس ميڪڻ گروءَ وٽ سکيا لاءِ ڇڏيو ويو. شاهه لطيف هن کان ويدانت جا ڪيترا سبق ورتا. روايت آهي ته هن گروءَ شاهه لطيف کي ‘مان’ مارڻ لاءِ بدين جي بازار ۾ گيڙو رتن ڪپڙن، ڌوتيءَ ۽ تلڪ سان چڪر لڳائڻ لاءِ موڪليو. هن شاهه لطيف کي جوڳ جي به وديا ڏني ۽ کيس ڪوٽيشور، نارائڻ سر، گرنار، ڪارونجهر ۽ نانيءَ جي جوڳين سان ملايو ۽ انهن سان گڏ سفر ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي هئي.
(11) دڙيلي وارو تڪيو: دڙيلو، موجوده ڪاڇيلي اسٽيشن ڀرسان، پراڻ جي ساڄي پاسي هڪ درويش سيد سوڍل شاهه جي مزار آهي. روايت آهي ته شاهه لطيف ڪيترا ڏينهن هن بزرگ جي آستاني تي رهيو ۽ چلو ڪڍيائين، جنهن جاءِ تي شاهه صاحب چلو ڪڍيو هو، سا جاءِ بزرگ جي مزار کان ڏکڻ ۾ پراڻ جي ڪناري تي آباد آهي.
(12)شاهه جو تڪيو، لاڙڪاڻو: ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ نائچ جي ڀرسان ڳوٺ شاهنواز ابڙي، تپي ابڙا ۾ هي تڪيو واقع آهي، جتي چون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ڇهه مهينا قيام ڪيو هو. هن ڳوٺ ۽ تڪيي جي ڀرسان اتر طرف هڪ تاريخي قبرستان به آهي، جنهن کي ‘چنگل جو قبرستان’ سڏيو وڃي ٿو. روايت آهي ته ڀٽائيءَ جي گهوڙي جو نالو به چنگل هو، پر تاريخ مان خبر نه ٿي پوي ته قبرستان تي اهو نالو ڪيئن پيو. نائچ ڳوٺ ۾ شاهه سائينءَ جي استعمال جون شيون، شاهه جي ترائيءَ واري تڪيي سان هڪجهڙائي رکن ٿيون.
(13) نيئگ شريف وارو تڪيو: ڀٽائي صاحب جو هي تڪيو، سيوهڻ شهر جي اولهه ۾ 15- 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي نيئگ شريف ۾ آهي. روايت آهي ته شاهه لطيف جڏهن لاهوت ۽ هنگلاج جي سفر تي سنياسي فقيرن سان ويو هو ته هن جاءِ تي قيام ڪيو هئائين. هن تڪيي جو ذڪر بودله بهار جي گادي نشين اختر حسين پنهنجي لکيل ڪتاب ‘شهباز ڪا سڪندر بودله’ ۾ ڪيو آهي.
(14)لونگ فقير جو لوڙهو: ڀٽائي صاحب جو هيءُ تڪيو، ضلعي خيرپورميرس ۾ خيرپور شهر کان 25 ڪلوميٽر اوڀر طرف موجود آهي، جيڪو قادري طريقي جي بزرگ لونگ فقير مهيسر (1279-1201) جي نالي سان منسوب آهي.
وڌيڪ ڏسو: شاهه لطيف جي سرن جو پسمنظر


لفظ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا تڪياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو